غلام قادرچانڊيو

غلام قادرچانڊيو

چانڊيو غلام قادر

چانڊيو، غلام قادر: ناليوارو سياسي اڳواڻ غلام قادر ولد خان چانڊيو'>پنهل خان چانڊيو، 15 آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ الله بخش چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نواب شاهه (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ ايڇ. ايم. خواجه (ڊي. سي) هاءِ اسڪـول نـوابشـاهه مـان، انٽـر گورنمينٽ سائنس ڪاليج سـڪـرنڊ مان، بي. اي سنڌ يـونيـورسـٽي ڄـام شــوري مان ۽ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) شـاهه عـبداللـطيــف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. 3 اپريل 1990ع تي ايس. ڊي. ايم مقرر ٿيو. بعد ۾ ملازمت تان استعيفا ڏئي، سياست جو آغاز ڪيائين. پيپلز پارٽيءَ جي نامزدگيءَ سان مارچ 1994ع ۾ ڇهن سالن لاءِ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو. ان عرصي دوران سيـنيـٽ جـي مختـلـف اسٽئـنڊنگ ڪميٽين جو به ميمبر رهيو. 1996ع ۾ پ پ ضلعي نوابشاهه جو صدر ٿيو. نوازشريف ۽ جنرل مشرف جي دور ۾ مٿس ڪيترا ڪيس داخل ٿيا ۽ جيل به ڪاٽيائين. آگسٽ 1998ع ۾ پاڪستان آرمي، سنڌ لاءِ اعزازي اسٽيٽمينٽ رڪروٽمينٽ آفيسر مقرر ٿيو. هن 1983ع ۽ 1986ع دوران ايم. آر. ڊي هلچل ۾ پنهنجي والد پنهل خان چانڊيي سان گڏ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ’اينٽي ڪالا باغ ڊيم موومينٽ‘ جو ڊسٽرڪٽ ڪنوينر مقرر ٿيو. 1998ع تي پاڪستان عوامي اتحاد سکر ڊويزن جو ڊويزنل صدر چونڊيو. آگسٽ 1999ع ۾ پيپلز پارٽي، سنڌ جو قائم مقام نائب صدر ۽ سکر ڊويزن لاءِ قائم مقام ڊويزنل صدر مقرر ٿيو. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ سينيٽ جي چيئرمئن وسيم سجاد سان گڏ، سعودي عرب، برطانيا، مصر، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جا سرڪاري دورا به ڪيا. 2002ع وارين چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر منتخب ٿيو. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن جو ميمبر پڻ آهي. غلام قادر چانڊيو 2008ع وارين چونڊن ۾ ايم. اين. اي چونڊيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.10.15  عيسوي

ناليوارو سياسي اڳواڻ غلام قادر ولد پنهل خان چانڊيو، 15 آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ الله بخش چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نواب شاهه (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ پيدا ٿيو.


1990.04.03  عيسوي

غلام قادرچانڊيو 3 اپريل 1990ع تي ايس. ڊي. ايم مقرر ٿيو. بعد ۾ ملازمت تان استعيفا ڏئي، سياست جو آغاز ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پهلاج راءِ مسافر
الحاج غلام مصطفيٰ شاهه
ڀائي کيمچند
جَڳُل مهيسر
محمد خان جروار
خفيف II
حڪيم حاجي محمد حسين شيخ
شيخ لاڏ جيو پاٽائي
چاچا قاسم سومرو
آمنه سومرو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون